مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 22,528 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

شڪارپوري آچار شڪارپور، سنڌ ۾ ڏکڻ ايشيائي آچارن جو ھڪ قسم آھي.ھي آچار سڄي پاڪستان ۾ مشھور آھي، ايتري قدر جو ان کي گڏيل عرب امارتن، سعودي عرب، برطانيا ۽ ٻين ملڪن ڏانھن پڻ برآمد ڪيو ويندو آھي. آچارن جي مشھور قسمن ۾ گڏيل آچار مشھور آھي جنھن ۾ گوگڻو، گجرون، ٿوم، چڻا، انب، مالٽو، ساوا مرچ، ۽ گل گوبي وغيره وڌا ويندا آھن. گھريلو آچارون پڻ مشھور قسمن مان آھن.

شڪاپور شھر ۾ آچار ٺاھڻ جا ٻارنھن وڏا ڪارخان آھن. ھنن ڪارخن شھر ۾ دڪانن جو ھڪ وڏو ڄار وڇائي ڇڏيو آھي. شھر ۾ گھريلو طور آچار ٺاھڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ پڻ عورتن پاران سيٽ اپ قائم ڪيل آھن.

خبرن ۾

يحيٰ سنور
يحيٰ سنور


ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

سوفي جي دنيا جو جرمن ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ ترجمي جو ڪور
سوفي جي دنيا جو جرمن ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ ترجمي جو ڪور
  • ... تہ عورتن جو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ مردن جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان ٻہ سال اڳ شروع ٿيو ھو؟
  • ... تہ قديم يوناني رياستن ۾ عالمن جو هڪ اهڙو گروهہ بہ ھو جيڪو معاوضي عيوض سياست، فن تقرير ۽ منجهيل معاملن تي سکيا ڏيندو هو. اهڙن پگهاردار عالمن کي سوفسطائي چيو ويندو هو؟
  • ... تہ نورواهہ ميان نورمحمد ڪلهوڙي کڻايو هو، جنهن تان مٿس نورواھہ نالو پيو.
  • ... تہ سنڌي ٻوليءَ جي پهرين فلم جو نالو ايڪتا هو، هيءَ فلم 1934ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1942ع ۾ مڪمل ٿي.
  • ... تہ سوفيءَ جي دنيا ناروي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ناول آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو 1995ع ۾ شايع ٿيو، ان سال هي انگريزي جو وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب پڻ ثابت ٿيو.

اڄ جو قول

وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/آڪٽوبر 5

اڄ جو لفظ

ڇمڪڻي
پَسارڪي وکر جو هڪ قسم
امَلتاس جي هڪ ڦَرِي، جيڪا ڇِمڪَڻ جو آواز ڪندي آهي.

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 22,528 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

بھترين مضمون

ايڊنبرا اسڪاٽلينڊ جي گادي جو هنڌ آھي ۽ اسڪاٽلينڊ جي 32 ڪائونسل ايريا مان ھڪ آھي. ھيءُ شھر لوٿيان علائقي ۾ فرٿ آف فورٿ جي ڏاکڻين ڪنڌيءَ تي آباد آھي. ھن شھر کي 15ھين صدي عيسويءَ ۾ اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو. اسڪاٽلينڊ جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ھن شھر ۾ قائم آھن. ھوليروڊ ھائوس پيليس برطانيا جي راڻيءَ جي سرڪاري رھائشگاھ آھي. ھيءُ شھر تعليم جو وڏو مرڪز رھيو آھي ۽ ھتي طب، انجنيئرنگ، قانون ۽ فلاسافيءَ جي تعليم ۽ کوجنا جون سھولتون موجود آھن. ھتي جي شاندار تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻھو ھي شھر گھمڻ اچن ٿا. سال 2016ع جي انگن اکرن موجب اٽڪل 17,50,000 سياح ھر سال ھتي آيا.

اڄ جو ڏينھن

سومر 5 آڪٽوبر 2026ع مطابق 22 ربيع الثاني 1448ھ

اڄ استادن جو عالمي ڏينهن آهي.

مارڪ گيرنو
مارڪ گيرنو
  • 1948ع – اشڪ آباد زلزلي ۾ 1 کان 1 لک 10 هزار تائين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
  • 1984ع – مارڪ گيرنو (تصوير) پهريون ڪينيڊي شهري هو جيڪو خلا ۾ ويو.
  • 1986ع – برطانوي اخبار دي سڊني ٽائيمز مورڊڪائي ونونو جي ڪهاڻي شايع ڪئي جنهن ۾ اسرائيل جي خفيا ايٽمي منصوبي تان پردو کنيو ويو.
وڌيڪ چونڊ ڏينهن:

وڪيپيڊيا تي ڀاڱيدار ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 22,528 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريومدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.

اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:

، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)